وڏي وزير مراد علي شاهه سينٽرل جيل ڪراچي مان قيدي فرار ٿيڻ واري واقعي ۾ ڪوتاهي تي ڊي آءِ جي جيلز ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو

cm ijlas

وڏي وزير مراد علي شاهه سينٽرل جيل ڪراچي مان قيدي فرار ٿيڻ واري واقعي ۾ ڪوتاهي تي ڊي آءِ جي جيلز ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو، وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي نه گهرايو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا، آءِ جي سنڌ کي نه گهرايو ويو.

اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه کي جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي بابت بريفنگ ڏني وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڊي آءِ جي جيلز ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪرڻ سان گڏ کين شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

وڏي وزير چيو ته واقعو جيل عملي جي ملوث هئڻ بنا ٿيڻ ممڪن نه هو، غير معمولي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪنهن به ريت معاف نه ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*