دڙي ۽ ڀان سيد آباد ۾ ٻن ڌار ڌار جھيڙن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي

bhan syedabad

دڙي ۽ ڀان سيد آباد ۾ ٻن ڌار ڌار جھيڙن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي.

ڀان سيد آباد ويجهو ٽلٽي ۾ گهٽي جي تڪرار تان خاصخيلي ۽ سهتا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب مير هزار خاصخيلي، محمد صالح خاصخيلي، اصغر، علي ۽ اڪبر خاصخيلي سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ڀان سيد آباد جي اسپتال پهچايو ويو، جتان 2ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.

دڙي ۾ مَنڇِري برادري جي ٻن ڌرين ۾معمولي ڳالهه تان جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب خدابخش، اسد ۽ رشيد منڇري زخمي ٿي پيا،جن کي دڙي جي اسپتال ۾داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*