ڪراچي جي هڪ عدالت جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ نوازليگ اڳواڻ نهال هاشمي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

nihal hasmi

ڪراچي جي هڪ عدالت جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ نوازليگ اڳواڻ نهال هاشمي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

نهال هاشمي مٿان 31 مئي تي هڪ تقرير ۾ نوازشريف خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي ڌمڪيون ڏيڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

نهال هاشمي سيشن جج اوڀر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته هو ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿي الزامن کي منهن ڏيڻ چاهي ٿو، کيس ضمانت ڏني وڃي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر جي عدالت نوازليگ سينيٽر نهال هاشمي جي ضمانت منظور ڪندي کيس 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*