پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين پرڏيهه وڃڻ لاءِ اجازت واري درخواست تي جلد ڪارروائي هلائي

Dr-Asim-10916

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين پرڏيهه وڃڻ لاءِ اجازت واري درخواست تي جلد ڪارروائي هلائي سندس نالو اي اسي ايل مان ڪڍڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ وڌيڪ درخوست داخل ڪرائي آهي.

سردار لطيف کوسا معرفت جمع ڪرايل درخواست ۾ ڊاڪٽر عاصم استدعا ڪئي آهي ته سندس طبيعت ٺيڪ ناهي، کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻو آهي، تنهن ڪري اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ ۽ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي جلد ڪارروائي هلائي وڃي.

ڪراچيءَ جي احتساب عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته شاهديون نه هئڻ سبب نيب جا 4 پراسڪيوٽر ڪيس کان الڳ ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته ساڻس اڻ برابري وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، سنڌ سان زيادتي ٿئي پئي، خاص طور ڪراچي وارن سان زيادتي ٿي رهي آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*