پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جيَ آءِ ٽي حسن نواز جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو

hassan nawaz

پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جيَ آءِ ٽي حسن نواز جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو، حسن نواز جي آءِ ٽيءَ آڏو پيشيءَ بعد جاچ ٽيم تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته نوٽيسز جي جمعي بازار لڳائي وئي آهي، نشانو رڳو ميان نوازشريف آهي.

وزيراعظم نواز شريف جو پٽ حسن نواز ٽيون ڀيرو پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.

جڊيشل اڪيڊمي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حسن نواز چيو ته نوٽيس جاري ڪرڻ جي جمع بازار لڳائي وئي آهي، نواز شريف جي ٻارڙن کي دٻاءُ لاءِ استعمال ڪيو  پيو وڃي.

حسن نواز چيو ته پيشي دوران کائنس برطانيا ۾ ڪاروبار بابت سوال نه ڪيا ويا، الزام ٻڌائڻ بدران رڳو تاريخ تبديل ڪري نوٽيس موڪليا پيا وڃن، هتي ڪيس جو فيصلو پهرين آيو آهي ۽ الزام هاڻي ڳوليا پيا وڃن.

هن چيو ته لڳي ٿو نشانو ميان نوازشريف آهي ۽ هو وزيراعظم نواز شريف جي حڪم تي ئي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو آهي.

حسن نواز چيو ته جي آءِ ٽي کي جمعو جمعو 8 ڏينهن ٿيا آهن، وٽن ڪا به شيءَ آهي ته کيس ڪجهه ٻڌايو وڃي.

حسن نواز چيو ته مخالفن کي مون کان، حسين يا مريم کان ڪو به مسئلو نه آهي، پر انهن جي لاءِ وزيراعظم نوازشريف وڏو مسئلو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*