جماعت اسلامي ايف سي آر نامنظور تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

siraj ul haq

جماعت اسلامي ايف سي آر نامنظور تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سراج الحق چيو آهي ته حڪومت فاٽا کي ڪي پي ۾ شامل ڪرڻ وارو واعدو پورو ڪري، قبائلي علائقن ۾ آپريشن سبب اسڪول بند ۽ انفراسٽڪچر تباهه آهن.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته فاٽا ۾ ستر سالن کان محرومي آهي، قبائلين تي ستر سالن کان انصاف جا دروازا بند آهن.

هن چيو حڪومت فاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾  شامل ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري.

جماعت اسلامي جي سربراهه چيو ته قبائلي نمائندن کي اسيمبلين ۾ سيٽون ڏئي مڪاني چونڊن وارو به واعدو پورو ڪيو وڃي.

سراج الحق چيو ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن سبب اسڪول بند آهن ۽ انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي.

هن چيو ته  قبائلي علائقن جي ماڻهن جو صبر ختم ٿي چڪو آهي، 9 لک آءِ ڊي پيز ملڪ جي مختلف  علائقن ۾ ترسيل آهن.

سراج الحق چيو ته حڪومت سرتاج عزيز ڪميٽي جي رپورٽ کي تسليم ڪري چڪي آهي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته قبائلي علائقن جي چهرن تي خوشي ڏسڻ تائي هو سک سان نه ويهندا.

سراج الحق چيو ته 20 جولاءِ کان 20 آگسٽ تاين ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ جلسا ٿيندا ۽ آگسٽ جي آخر ۾ لانگ مارچ ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*