حيدرآباد ويجهو تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 30 مسافر زخمي ٿي پيا آهن

hyd hadsa

حيدرآباد ويجهو تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 30 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

باءِ پاس ويجهو بهاولپور کان ڪراچي ايندڙ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

موٽر وي پوليس موقعي تي پهچي  فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

حادثي جي زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جن مان اڪثر جي حالت سڌرندڙ آهي.

موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتاري سبب ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي، جنهن سبب حادثو پيش آيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*