حيدرآباد ۾اڻڄاتل هٿياربندن هڪ گهر اندر داخل ٿي تيز ڌار واري اوزار سان سس ۽ نُنهن کي قتل ڪري ڇڏيو

Hyd-Map-11816

حيدرآباد ۾اڻڄاتل هٿياربندن هڪ گهر اندر داخل ٿي تيز ڌار واري اوزار سان سس ۽ نُنهن کي قتل ڪري ڇڏيو.

لطيف آباد 12 نمبر  بسم الله سٽي ۾ وڪيل دلدار قريشيءَ جي بنگلي اندر 44 ورهين جي نفيسا بانو ۽ 22 ورهين جي فريال زال راحيل قريشي جا هڪ ڪمري مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيا.

اطلاع ملندي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل عورتن جا لاش کڻائي ضروري ڪارروائيءَ لاءِ سول اسپتال آندا.

پوليس جو چوڻ آهي ته نفيسا ۽ سندس ننهن فريال کي تيز ڌار واري اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب واقعي واري گهر مان رت ۾ٻڏل اڍائي ورهين جي هڪ ٻارڙيءَ کي زندهه حالت ۾ هٿ ڪيو ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*