ڪراچيءَ ۾رولو ڪتن کي رنگ ڪري انٽرنيٽ تي السيشن ۽ جرمن شيفرڊ سميت اعليٰ نسل جو ڄاڻائي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙ فراڊي شخص کي پوليس سڳ سوڌو سوگهو ڪري ورتو آهي

karachi map

ڪراچيءَ ۾رولو ڪتن کي رنگ ڪري انٽرنيٽ تي السيشن ۽ جرمن شيفرڊ سميت  اعليٰ نسل جو ڄاڻائي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪندڙ فراڊي شخص کي پوليس سڳ سوڌو سوگهو ڪري ورتو آهي.

نارٿ ناظم آباد پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري رولو ڪتن کي رنگ روپ ڏئي اعليٰ نسل جو ڄاڻائي وڪرو ڪندڙ فراڊي شخص کي گرفتار ڪيو.

 ايس پي گلبرگ بشير بروهي جو چوڻ آهي ته جوابدار صغير رولو ڪتن کي  ناياب نسل جو ڪتو ظاهر ڪري وڪرو ڪندو هو.

ايس پي موجب جوابدار صغير،  رياض الدين نالي هڪ شهريءَ کي رنگ ڪيل ڪتا مهانگي نسل جا ڄاڻائي انٽرنيٽ ذريعي وڪرو ڪيا.

ايس پي گلبرگ موجب متاثر شخص رياض الدين کي جڏهن ڊليوري ملي ته هن کي جوابدار جي فراڊ جي حقيقت جو پتو پيو.

ايس پي بشير بروهيءَ وڌيڪ ٻڌايو ته  ڪتن کي خريد ڪندڙ شخص جڏهن ڪتن کي وهنجاريو ته سندن رنگ لهي ويو ۽ اهي اعليٰ نسل بدران رولو ڪتا ظاهر ٿي پيا.

هن چيو ته متاثر شخص جي شڪايت تي ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چار رولو ڪتا هٿ ڪيا ويا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*