ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لياري مان ڏوهاري ٽولي جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Karachi-Police-29517

ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لياري مان ڏوهاري ٽولي جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رات دير سان لياري جي احمد شاهه بخاري روڊ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي ڏوهاري ٽولي جي ٻن جوابدارن ريمبو بلوچ ۽ راڪيش کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب، گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل ٻنهي ڄڻن جو تعلق لياري جي ڏوهاري ٽولي زاهد لاڊلا  سان آهي.

ذريعن موجب، گرفتار ٿيل ٻئي جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻين ڪيترن ئي سنگين  ڪيسن ۾ گهربل آهن.

ٻئي طرف منگهو پير ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، وٽانئن هٿيار، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*