خانپور ويجهو گذريل ڏينهن جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو

khanpur-11616

خانپور ويجهو گذريل ڏينهن جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته مارجي ويلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو، رينجرز ۽ پوليس مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن ڪري شڪ جي بنياد تي 20 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

    شڪارپور جي سول اسپتال ۾ زخمي درمحمد بڊاڻي جتوئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مارجي ويلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي.

          انچارج ايس ايس پي ساجد امير صدوزئي جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جتوئي برادري جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن ڪري 20 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

          ڳوٺ پير دوست محمد بڊاڻي جتوئي، غلام قادربڊاڻي جتوئي، ڳوٺ سومر بڊاڻي جتوئي، پيارو سعد خاناڻي جتوئي، جهنڊو سعد خاناڻي جتوئي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ريجنرز ۽ پوليس سرچ آپريشن ڪيو.

        جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 20 کان وڌيڪ ماڻهن جو لاڙڪاڻي، سکر ۽ شڪارپور جي اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي،جڏهن ته علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*