ڇاڇري ۾ 11 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو

chachro

ڇاڇري ۾ 11 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

11 ڏينهن کان لاڳيتو بجلي بند هئڻ خلاف واپارين ۽ عام شهرين شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي، عمرڪوٽ ڇاڇرو روڊ تي باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو.

احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين  قمرالدين راهمون، شهري اتحاد جي صدر پريم مکي ۽ ٻين ٻڌايو ته برسات دوران عمر ڪوٽ جي مين لائين جا 10 ٿنڀا ڪري پيا، جيڪي اطلاع باوجود واپڊا وارن ٻيهر نه لڳايا آهن.

هنن چيو ته گذريل 11 ڏينهن کان شهر سميت سموري علائقي جي بجلي بند هئڻ ڪري سخت تڪليف کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

شهرين موجب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته لائين درست ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

ايڪسيئن ميرپور خاص جي خاطري ڪرائڻ تي شهرين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*