غوثپور ويجهو هٿياربند ٽن ڌنارن کي اغوا ڪري 50 ٻڪريون ۽ رڍون ڦر ڪري ويا

gouspur

غوثپور  ويجهو هٿياربند ٽن ڌنارن کي اغوا ڪري 50 ٻڪريون ۽ رڍون  ڦر ڪري ويا، جن کي بعد ۾ راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

نور شاهه جي ڪچي واري علائقي مان هٿياربند ڌنار اسد اوڳاهي، قادر بخش ۽ محمد اوڳاهي کي اغوا ڪري 50 ٻڪريون ۽ رڍون به ڦر ڪري ڪاهي ويا.

ڌرين جي چڱن مڙسن راڄوڻي ڪوششن ذريعي ٽنهي ڌنارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب هٿياربندن ڌنارن کي اغوا نه ڪيو هو پر خوف سبب هو جهنگ ۾ لڪي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*