اليڪشن ڪميشن ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان پاران جواب داخل نه ڪرڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان پاران جواب داخل نه ڪرڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڪيل ذريعي داخل ڪرايل وڌيڪ مهلت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهي ۾ عمران خان توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اڄ به عمران خان جو جواب داخل نه ٿي سگهيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان عمران خان کي گذريل ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل  چيو ته عمران خان قومي ليڊر آهي، سندس جواب بابر اعواڻ اليڪشن ڪمشن ۾ داخل ڪرائيندو.

اليڪشن ڪميشن جي ميمبر جسٽس رٽائرڊ ارشاد قيصر چيو ته بابر اعواڻ جو وڪالت نامو ڪٿي آهي؟

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته بابر اعواڻ پاڻ ئي پنهنجو وڪالت نامون پيش ڪندو، کيس ايندڙ هفتي تائين مهلت ڏني وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته هاڻ کين عمران خان جي جواب جي ضرورت نه آهي، سڀاڻي فيصلو ڪيو ويندو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*