وزيراعظم جي خاص معاون آصف ڪرماني چيو آهي ته عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي

asif kamrani

وزيراعظم جي خاص معاون آصف ڪرماني چيو آهي ته عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جيستائين قطري شهزادي جو بيان نه ايندو جاچ جي ڪا به اهميت نه هوندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف ڪرماني چيو ته قطري شهزادي حمد بن جاسم جي آءِ ٽي کي لکيو هو ته هو هر سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ ٽيم کي دوحه اچڻو پوندو.

هن چيو ته قطري شهزادي اها به آڇ ڪئي ته کيس سوالنامو موڪليو وڃي ته هو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر جاچ ٽيم سندس آڇ کي رد ڪيو، جيستائين قطري شهزادي جو بيان نه ايندو جاچ جي ڪا به اهميت نه هوندي.

آصف ڪرماني چيو ته عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، عمران خان ۽ سندس ساٿي عوام کي ڪنفيوز ڪري رهيا آهن.

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته عمران خان وٽ نه اڳ ڪجهه هو ۽ نه ئي وري هاڻي ڪجهه وٽس ڪجهه آهي.

آصف ڪرماني چيو ته عمران خان صاحب جا ڪيترائي چهرا آهن، ان لاءِ هن شعر پڙهيو ته “ جب بهي چاهين اِڪ نئي صورت بنا ليتي هين لوگ”

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*