نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته تحريڪ انصاف آئيني ادارن جي توهين ڪئي آهي، عمران خان جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي

daniyal aziz

نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز چيو آهي ته تحريڪ انصاف آئيني ادارن جي توهين ڪئي آهي، عمران خان جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان نواز ليگ تي اليڪشن ڪميشن کي خريد ڪرڻ جو الزام لڳايو.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن عمران خان جي معاملي ۾ صبر جو مظاهرو ڪيو، ٻيا ادارا ايترو صبر نه ٿا ڏيکاري سگهن.

هن چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان 10 ارب رپين جي حرجاڻي واري ڪوڙي به دعويٰ به ڪئي پر جواب نه ڏئي سگهيو.

دانيال عزيز چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن کان مهلت وٺڻ لاءِ درخواستون ڪندو رهندو آهي، هاڻ اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ٻڌايو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*