عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جي آءِ ٽي ٺهڻ تي مٺايون ورهائيندڙ هاڻي روئي رهيا آهن

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جي آءِ ٽي ٺهڻ تي مٺايون ورهائيندڙ هاڻي روئي رهيا آهن، فيصلا خطن تي ٿيڻا آهن ته پوءِ ٻيا به خط کڻي ايندا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته شريف خاندان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ بدران ٻڌائين ته لنڊن فليٽس لاءِ پيسا ڪٿان آيا.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته هن ملڪ ۾ بهتري جا آثار نظر اچي رهيا آهن، ملڪ ۾ جمهوري جي تباهي جو ذميوار نوازشريف آهي.

هن چيو ته اٺ هفتن اندر ملڪ ۾ هڪ هئين جمهوريت هوندي، سڄي قوم، وڪيل، قانون ۽ انصاف سان گڏ هوندا.

شيخ رشيد چيو ته اسحاق ڊار ڪاغذن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو ماهر آهي، نوازشريف کي ايجنڊا ملي ته هن ادارن کي صرف تباهه ڪيو.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته هن چيو هو ته قرباني کان پوءِ قرباني ٿيندي پر ڪاسائي ڀڄي ويو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*