ميهڙ ويجهو ڪار ۽ چنگچي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي

Mehar-Map-Sindh-25517

ميهڙ ويجهو ڪار ۽ چنگچي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

 گاجي کهاوڙ لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽  چنگچي   وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ 22 ورهين جي پٺاڻي،  20 ورهين جي فوزيه خاصخيلي، شاهنواز تنيو، منٺار  خاصخيلي، خان محمد خاصخيلي، دلبر سولنگي ۽ عامر عرف شعبان سولنگي سميت 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

  زخمين کي تعلقي اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو ويو، جتان  2 ڄڻن پٺاڻي ۽ شاهنواز کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

ميهڙ جي اي سيڪشن پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*