ڪنڌڪوٽ ۾ ارڙي وبائي بيماري صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، چئن ڏينهن ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا

khandkot bemari

ڪنڌڪوٽ ۾ ارڙي وبائي بيماري صورتحال اختيار ڪري وئي  آهي، چئن ڏينهن ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته وڌيڪ 6 ٻار   ارڙي ۾ مبتلا آهن.

گلشير محلي ۾ چئن ڏينهن دوران 6 ورهين جو رضا محمد ميراڻي، 3 ورهين جي ٻارڙي نازيه ميراڻي ۽  5 ورهين جو سلمان ارڙي سبب فوت ٿي ويا .

محلي ۾ هڪ ئي خاندان جا  6 ٻارڙا، جنهن ۾ نينگري افروز، الله وڌايو، ضميران، ڪامران ۽ اسمه ميراڻي ارڙي ۾ مبتلا آهن.

متاثر ٻارن جي وارثن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي سندن ٻارن جون قيمتي زندگيون بچايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*