دادو ۾ آبادگارن بَکراڻي شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

dadu abadghar pro

دادو ۾ آبادگارن بَکراڻي شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

بَکراڻي شاخ جي پُوڇڙ جي آبادگارن حاجي ڪالو ملاح، عبدالغفور پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن  چيو ته آبپاشي کاتي وارا سندن حصي جو پاڻي بااثر آبادگارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري پُوڇڙ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب سندن فصل سڪي ويا آهن، زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، احتجاج باوجود پاڻي نه پيو ڏنو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته پُوڇر ۾ پاڻي پهچائي آبادگارن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*