وزيراعظم نوازشريف جو وڏو پٽ پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي

hassan nawaz

وزيراعظم نوازشريف جو وڏو پٽ پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي. نواز ليگ جي ڪارڪنن جو به وڏو انگ جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران موجود آهي.

وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي  ۾ واجد ضياءَ جي سربراهي هيٺ جي آءِ ٽي جو اجلاس  جاري آهي، وزيراعظم جو وڏو پٽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي.

وزيراعظم نوازشريف جي وڏي پٽ حسين نواز کي وي وي آءِ پي سڪيورٽي ڏني وئي آهي. جوڊيشل اڪيڊمي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به به سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

آءِ ايٽ پل کان وفاقي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ڏانهن ايندڙ  رستن کي به بند ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم نوازشريف جي پٽ حسين نواز جي اڪيڊمي پهچڻ وقت نواز ليگ ڪارڪنن پاران نعريبازي به ڪئي وئي.

واضع رهي ته حسين نواز جي آء ٽي آڏو ڇهون ڀيرو پيش ٿي رهيو آهي، حسين نواز پهريون ڀيرو 28 مئي، ٻيو ڀيرو 30 مئي، ٽيون ڀيرو پهرين جون، چوٿون ڀيرو 3 جون ۽ پنجون ڀيرو 9 جون تي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*