پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناماڪيس سبب ملڪ جي تاريخ تبديل ٿي رهي آهي

Imran-Khan-221116

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناماڪيس سبب ملڪ جي تاريخ تبديل ٿي رهي آهي، پهريون ڀيرو وڏن ڌاڙيلن جو احتساب ٿي رهيو آهي، مريم نواز کي جاچ لاءِ گهرائڻ تي دانهون ڪندڙ بينظير ڀٽو کي ضياءَ جي دور ۾ جاچ لاءِ گهرائڻ واري عمل کي وساري ويٺا آهن.

چترال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ملڪ جا اربين رپيا چوري ٿي پرڏيهه منتقل ٿي رهيا آهن، هي ماڻهو چوري ڪري معصوم شڪليون ٺاهيندا آهن.

هن چيو ته نواز شريف ۽ اسحاق ڊار جا ٻار ڪرپشن سبب ارب پتي بڻجي ويا، ڪير سمجهائي ته نواز شريف جي ٻارن ڪهڙي فارمولا تحت ايتري ملڪيت جمع ڪئي؟

عمران خان چيو ته دنيا جي امير شهر ڪراچي جي رهواسين کي پيئن لاءِ پاڻي نه ٿو ملي، ڇاڪاڻ ته ڪرپٽ ٽينڪر مافيا پيسا ٺاهي رهي آهي.

هن چيو ته پنجاب جي 57 سيڪڙو بجيٽ رڳو لاهور تي خرچ ڪئي پئي وڃي، پر لاهور ۾ 60 کان 70 سيڪڙو آبادي کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي نٿو ملي.

هن چيو ته جيڪڏهن وڏن وڏن مگر مڇن کي پڪڙيو وڃي ته چوري رڪجي سگهي ٿي، نئين پاڪستان ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*