نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي طلال چوڌري چيو آهي ته پرڏيهي طاقتن جي حڪم تي پاڪستاني طاقتون عدالتي نظام هاءِ جيڪ ڪري ڏوهاريءَ کي ڇڏائي وينديون آهن

talal chodhary

نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي طلال چوڌري چيو آهي ته پرڏيهي طاقتن جي حڪم تي پاڪستاني طاقتون عدالتي نظام هاءِ جيڪ ڪري ڏوهاريءَ کي ڇڏائي  وينديون آهن، ڊپ آهي ته ڪٿي پرڏيهي هٿ ۽ اندروني مُهرا قانون جو استعمال ڪري بيگناهن کي نه ڦاسائين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي نوازليگ جي ڪري نه پنهنجي ڪرتوتن سبب تڪراري بڻجي وئي آهي، جي آءِ ٽي جو ڊرامو هڪ هفتي اندر ختم ٿي ويندو.

طلال چوڌري چيو ته نوازليگ گذريل 70 سالن جي مني ٽريل ڏئي رهيا آهن، نوازشريف ان وقت جو به حساب ڏنو آهي، جڏهن هو وزير به نه ٿيو هو.

هن چيو ته ريمنڊ ڊيوس جي ڪتاب مان خبر پئي ٿي ته ڪيئن پرڏيهي قوتن جي حڪم تي ملڪي طاقتون عدالتي نظام کي مفلوج بڻائينديون آهن، ڊپ آهي ته جي آءِ ٽي جو فيصلو به ڪنهن ٻئي جو نه هجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*