وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ملاقات ڪئي آهي

cm meet khursheed shah

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ملاقات ڪئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته نئون صوبائي احتساب ادارو جوڙڻ لاءِ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ملاقات ڪئي. جنهن دوران نئين صوبائي احتساب اداري سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نئين صوبائي احتساب لاءِ  ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته صوبائي احتساب ادارو هڪ مهيني اندر جوڙيو ويندو.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته آئين کي ڊڪٽيٽر ٽوڙيو ۽ اسان ان کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته سنڌ اسيمبلي نيب قانون آئين موجب ختم ڪيو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته سنڌ ۾ نيب قانون 1999ع ختم ڪرڻ صوبي جو اختيار آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*