آرمي چيف جنرل قمر جاويد پنو عاقل گيريزن جو دورو ڪري آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي

army cheif

آرمي چيف جنرل قمر جاويد پنو عاقل گيريزن جو دورو ڪري آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي تي ضابطي لاءِ ڊگهو سفر ڪيو آهي، پاڪ فوج امن ۽ خوشحالي لاءِ رياستي ادارن جي مدد جاري رکندي.

آ ايس ايس پي آر موجب آرمي چيف پاران پنو عاقل گيريزن جي دوري دوران ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل مرزا شاهد بيگ ۽ جي او سي پنو عاقل سندس آجيان ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي آريشنل تيارين ۽ داخلي سيڪيورٽي جي معاملن تي برفنگ ڏني وئي، جنهن دوران آرمي چيف ڇهين آدمشماري دوران آفيسرن ۽ جوانن جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي تي ضابطي لاءِ ڊگهو سفر ڪيو آهي، پاڪ فوج امن ۽ خوشحالي لاءِ رياستي ادارن سان جاري رکندي.

آرمي چيف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*