ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ ٻيهر شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ ٻيهر شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، لنڊن ۾ رحمان ملڪ جي الطاف حسين سان ملاقات کانپوءِ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فارمولو به طئي ٿي ويو، رحمان ملڪ، الطاف حسين کي خاطري ڪرائي آهي ته چاليهه سٺ واري معاهدي تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو.

ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات بعد رحمان ملڪ لنڊن پهتو، جتي هُن ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ايم ڪيو ايم جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت ۽ سينيٽ چونڊن ۾ سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهندڙ ملاقات کانپوءِ ايم ڪيو ايم پڌرائي جاري ڪندي اعلان ڪيو ته متحده قومي موومينٽ جلد سنڌ سرڪار ۾ شامل ٿي ويندي.

ايم ڪيو ايم پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ سنڌ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ وارو فارمولو به طئي ٿي ويو آهي.

پڌرائي موجب سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي فارمولي تحت سينيٽ چونڊن دوران پيپلزپارٽي کي 7 ۽ ايم ڪيو ايم کي 4 سيٽون ملنديون.

ايم ڪيو ايم موجب هن ڀيري پيپلزپارٽي سان باقاعده لکت ۾ معاهدو ڪيو ويندو، جنهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ورڪنگ رليشن شپ بهتر بڻائڻ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي به جوڙي ويندي، جنهن ۾ ٻنهي جماعتن جا ٻه ٻه ميمبر هوندا.

رحمان ملڪ ملاقات دوران الطاف حسين کي خاطري ڪرائي ته هر شعبي چاليهه سٺ واري فارمولي تي عمل يقيني بڻايو ويندو.

پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته ايم ڪيو ايم کي ان جو جائز حق ملندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*