خيبر ايجنسي ۽ سوات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي ۽ سوات جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته سوات ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

خيبر ايجنسي جي اسپين قمر واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪريون ٿي پيون،  فورسز جي فائرنگ ۾ 17 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليٽيڪل انتظاميه مارجي ويل دهشتگردن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن.

هوڏانهن سوات جي چڪ درا واري علائقي ۾ پڻ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان آپگهاتي جيڪيٽس، هينڊ گرنينڊ ۽ ٻيو بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي بعد دهشتگرد فرار ٿي ويا.

فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*