نواز ليگ اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته جمهوري حڪومت ختم ڪرڻ سان ملڪ ۾ مسئلا وڌيا، نوازشريف مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جي ضمانت آهي

asif karmani

نواز ليگ اڳواڻ آصف ڪرماني چيو آهي ته جمهوري حڪومت ختم ڪرڻ سان ملڪ ۾ مسئلا وڌيا، نوازشريف مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جي ضمانت آهي، پاناما جي جي آءِ ٽي جا ميمبر دبئي وڃڻ بابت خبر ملي هئي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف ڪرماني چيو ته جي آءِ ٽي جي گهرائڻ تي مريم نواز بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پهتي.

هن چيو ته جي آءِ ٽي گذريل ڏينهن دبئي وئي، اڄ موٽي آئي آهي، اهو ته گهمڻ آهي.

آصف ڪرماني چيو ته قطري شهزادي جو بيان وٺڻ لاءِ ٽيم قطر ڇو نه وئي آهي؟

هن چيو ته قطري مرضي جو مالڪ آهي، ان تي ملڪ جو قانون لاڳو نٿو ٿئي، قطري اسان جو اهم شاهد آهي، ان جو بيان ورتو وڃي.

هن چيو ته عمران خان جيڪا راند شروع ڪئي آهي، ان کي هاڻ اسائي ختم ڪنداسين.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته پاڪستان هن وقت غير معمولي صورتحال مان گذري رهيو آهي.

آصف ڪرماني چيو ته نوازشريف مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جي ضمانت آهي، جمهوري حڪومت ختم ڪرڻ سان ملڪ ۾ مسئلا وڌيا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*