ميان نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي

mariyam nawaz

 ميان نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي، مريم نواز چيو آهي ته ڪورٽ جي حڪم ۾ سندس نالو نه هئڻ باوجود کيس طلب ڪيو ويو، هڪ ئي ڪٽنب جو اڃا ڪيترو احتساب ڪيو ويندو، هڪ ڏينهن اهڙو به اچي سگهي ٿو جو نوازشريف خلاف سموريون سازشون بي نقاب ڪيون وڃن.

مريم نواز 13 گاڏين جي پروٽوڪول ۾ فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي پهچي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏنا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته سندس نالو عدالتي حڪم ۾ نه هو، ان باوجود کيس طلب ڪيو ويو، هن اهڙو قرض چڪايو آهي، جيڪو مٿس واجب به نه هو.

مريم نواز چيو ته نوازشريف مٿان سرڪاري ناڻي جي ڦرلٽ جو ڪو الزام ناهي، سندن ذاتي ڪاروباري معاملن جي جاچ ڪئي پئي وڃِي، ٽن نسلن جو حساب ورتو ويو، هڪ ڪٽنب جو اڃا ڪيترو احتساب ڪيو ويندو.

هن چيو ته نوازشريف خلاف سازشن جو ڄار وڇايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ اهڙو وزيراعظم آهي جيڪو ڪنهن جي آڏو جهڪندو ناهي، سازشن جو سلسلو بند نه ٿيو ته هڪ ڏينهن اهڙو اچي سگهي ٿو جو سمورين سازشن کي وائکو ڪيو وڃي.

مريم نواز جو چوڻ هو ته سندن آف شور ڪمپنين تي اعتراض انهن کي آهن، جن جون پنهنجون به آف شور ڪمپنيون آهن.

هن چيو ته ڌيءَ سان پيءُ جو مضبوط احساسن جو تعلق هوندو آهي، جيڪو اهو سمجهي ٿو ته نوازشريف کي ڌيءُ سبب ڪمزور ڪيو ويندو، اهي ڀليل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*