تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيتريون کل جوڳيون ڳالهيون ڪيون

fawad chodhary

تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيتريون کل جوڳيون ڳالهيون ڪيون، قوم کي ٻڌايو وڃي ته مريم نواز وٽ ڪروڙين رپين جا زيور ڪٿان آيا ۽ حسن ۽ حسين نواز ننڍي عمر ۾ ارب پتي ڪيئن ٿي ويا آهن.

مريم نواز جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي تبصرو ڪندي فواد چوڌري چيو ته چيو پيو وڃي ته عورت کي ڪرمنل انويسٽي گيشن جي لاءِ نه گهرايو وڃي ها، ڇا ادارن کي حق ناهي ته پڇن ته 16 کان 18 سالن جي عمر ۾ ارب پتي ڪئين بڻجي ويا؟

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نوازشريف جي سياست پيسي جي سياست آهي، مريم نواز پهرين ڪوڙ ڳالهايو ۽ بعد تسليم به ڪيو.

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته وزيراعظم جا اثاثا وڌي وڃن ته جواب ڏيڻ پوندو آهي، مريم نواز جون ڪيتريون ئي ڳالهيون کلڻ جوڳيون آهن.

هن چيو ته جي آءِ ٽي کان پوءِ مريم نواز سوالن جا جواب ڏيڻ بنا هلي وئي، شريف ڪٽنب کي جواب ڏيڻ جي عادت نه آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*