پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته هو صدر طور پارليامينٽ کي اختيار نه ڏئي ها ته اڄ وزيراعظم جو احتساب نه ٿئي ها
پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته هو صدر طور پارليامينٽ کي اختيار نه ڏئي ها ته اڄ وزيراعظم جو احتساب نه ٿئي ها، ملڪ جي ترقي جو سوال ڪندڙ اهو ڇو وساريندا آهن ته 40 سالن تائين ملڪ تي مارشل لا مائينڊ سيٽ جي حڪمراني رهي آهي، اڄ جمهوريت تي راتاهي جو ڏينهن آهي.
دادو ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اڄ جمهوريت تي راتاهي جو ڏينهن آهي، جڏهن ملڪ ۾ ڊگهي آمريت جو راڄ قائم ڪيو ويو.
آصف زرداري چيو ته شهيد ذولافقار علي ڀٽو کي پرڏيهه وڃڻ جي آڇ ڪئي وئي پر هن چيو ته آئون تاريخ ۾ زندهه رهڻ چاهيان ٿو، جيڪي تاريخ ۾ زندهه نٿا رهڻ چاهين اهي پاناما کان به ڊڄندا آهن ۽ جيلن کان به ڊڄندا آهن.
هن چيو ته اسان پارليامينٽ کي اختيار ڏئي ان کي وڌيڪ مضبوط بڻايو، جيڪڏهن پارليامينٽ کي اختيار نه ڏيون ها ته اڄ نوازشريف وزيراعظم نه پر صدر هجي ها ۽ صدر جو احتساب نه ٿيندو آهي.
هن چيو ته اسان پاڻ کي حڪومت ۾ رکڻ لاءِ طريقيڪار ناهي جوڙيو، عوام کي حڪومت ۾ رکڻ لاءِ طريقيڪار ترتيب ڏنو آهي.
پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين چيو ته جيڪي سوال ڪندا آهن ته پاڪستان 40 سالن ۾ ترقي نه ڪئي، اهي ڇو وساري ويهندا آهن ته 40 سالن تائين مارشل مائينڊ سيٽ اقتدار تي قابض رهيو آهي.
هن سي پيڪ جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو گيم چئنجر نه پر خطي کي تبديل ڪندڙ منصوبو آهي………….