سکر ۾ بئنڪ آف پنجاب برانچ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي

sukkur punjab bank froad

سکر ۾ بئنڪ آف پنجاب برانچ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، حسيني روڊ برانچ جي مئنيجر محمد اڪرم سهتو  اهڙي واقعي جي آباد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي.

مئنيجر محمد اڪرم سهتو ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي مئنيجر ناصر محمود صديقي ۽ آپريشن مئنيجر حسنين علي لاڙڪ  2013ع کان حسيب احمد ڪمانگر ۽ عبدالله قريشي سان ملي مختلف کاتن مان 3 ڪروڙ 5 لک 87 هزار 647 رپيا ڪڍرائي هڙپ ڪيا آهن.

هن چيو ته اڳوڻي مئنيجر ۽ آپريشن مئنيجر جي گهوٻين بابت بئنڪ آف پنجاب جي هيڊ آفيس انتظاميه کي آگاھه ڪيو ويو آهي.

بئنڪ ۾ گهوٻين جي  انڪشاف جي خبر پوڻ شرط اڳوڻو مئنيجر ناصر محمود صديقي ۽ آپريشن مئنيجر حسنين علي لاڙڪ فرار ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*