تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وزارت نه ملڻ تي دانيال عزيز دٻاءُ جو شڪار آهي

fawad chodhry

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وزارت نه ملڻ تي دانيال عزيز دٻاءُ جو شڪار آهي، پاناما ڪيس ۽ شريف ڪٽنب جو سياسي مستقبل جلد انجام تي پهچندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چيو ته پر امن احتجاج ڪندڙ 250 ڄڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا.

هن چيو ته اقتدار جي نشي حڪمرانن کي چريو ڪري ڇڏيو آهي، پاناما ڪيس ۽ شريف ڪٽنب جو سياسي مستقبل جلد انجام تي پهچندو.

هن وڌيڪ چيو ته نوازليگ اڳواڻ دانيال عزيز جي محرومين جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.هو وزارت نه ملڻ سبب دٻاءُ جو شڪار آهي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته دانيال عزيز کي سياست ۽ شرم وچ ۾ فرق نظر نه ٿو اچي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته نوازشريف جي احتساب مان جان ڇٽڻ واري ناهي.

فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڪوڙن ڪيسن کان نه گهٻرائيندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*