قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته بينظير ڀٽو جيل ڪاٽيندي رهي

khursheed shah

قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته بينظير ڀٽو جيل ڪاٽيندي رهي، ان وقت ڌيءَ جو ڇو خيال نه آيو، وزيراعظم جي استعيفيٰ سان جمهوريت کي ڪجهه نه ٿيندو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي کي حڪومت نه پر جمهوريت گهرجي،اسحاق ڊار جهڙي نرم مزاج ماڻهو جو سخت رويو ڳڻتي جو سبب آهي.

هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف ٻڌائي ته سندس خلاف ڪير سازش ڪري رهيو آهي، اسان جمهوريت جي ڪري سازش خلاف آواز اٿارينداسين.

اپوزيشن ليڊر چيو ته مريم نواز پهريان چيو سندس ملڪيت سان ڪو تعلق ناهي.

خورشيد شاهه چيو ته اسحاق ڊار جهڙي نرم مزاج ماڻهو جو سخت رويو ڳڻتي جو سبب بڻيو آهي، سندس رويي مان لڳي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي.

هن چيو ته نواز ليگ طرفان ماحول ڄاڻي واڻي ٺاهيو پيو وڃي، جيڪڏهن حالتون خراب آهن ته وزيراعظم کي ملڪ ۾ اچڻ گهرجي.

هن چيو ته نواز شريف آصف علي زرداري کان ڪاوڙيل آهي ته فضل الرحمان کي ٻڌائي ته سازش ڪير ڪري رهيو آهي، جمهوريت کي بچائڻ لاءِ سازش خلاف ٿي بيهندا.

هن چيو ته آصف علي زرداري هٿڪڙين سميت عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي، بينظير ڀٽو معصوم ٻارڙن سميت عدالتن ۽ جيلن جا ڌڪا کائيندي رهي تنهن وقت ڪنهن کي به ڌيءَ جو احساس نه ٿيو.

خورشيد شاهه چيو ته اسان جي نياڻي مريم نواز ڇو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، پهريون چيو ته منهنجو پراپرٽي سان ڪو به تعلق ناهي، هاڻي چوي ٿي ته مان ٽرسٽي آهيان……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*