سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چور مچائي شور جو زنده مثال آهي

mariyam oranzaib

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چور مچائي شور جو زنده مثال آهي، عمران پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ احتساب ڪميشن کي تالو هڻي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته پراڻن منصوبن تي تختيون لڳائي ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن عمراخان چترال ۾ نئين منصوبي جي تختي لڳائي ها ته کيس مبارڪون ڏيون ها.

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير چيو ته نئين تختي جي قيمت عوام کي 50 لک کان وڌيڪ مهانگي پئجي رهي آهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اڍائي سان کان عمران خان جي جواب جي منتظر آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان چور مچائي شور جو زنده مثال آهي، جيڪو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ احتساب ڪميشن کي تالو هڻي ڇڏيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*