آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير اڳ مشورا ڪندو هو پر هاڻي نٿو ڪري، آءِ جي سنڌ جا اختيار گهٽائڻ سان صوبي تي منفتي اثر پوندا

ig sindh

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير اڳ مشورا ڪندو هو پر هاڻي نٿو ڪري، آءِ جي سنڌ جا اختيار گهٽائڻ سان صوبي تي منفتي اثر پوندا.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمارٽ سي سي ٽي وي  ۽ ڌار عدالت قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي جهڙي وڏي شهر لاءِ 10 لک ڪئمرائون گهٽ آهن

آءِ جي سنڌ چيو ته سڀ کان اهم ڪم جاچ آهي، ان تي ڌيان هئڻ گهرجي، جاچ آفيسرن وٽ سهولتون نه هونديون ته جاچ سٺي نه ٿيندي ۽ جاچ صحيح نه ٿيڻ تي جوابدارن کي فائدو پهچندو.

اي ڊي خواجه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت فارنزڪ ليب تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪيترن ئي سالن جو ڪم هڪ سال ۾ نٿو ٿي سگهي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته هلندڙ سال پوليس هيڊ ڪوارٽر کي ٺيڪ ڪيو ويندو، ڪراچي جي 108 ٿاڻن لاءِ استقباليه ڪمرا ٿتيار رهي آهن.

پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته سينٽرل جيل مان فرار ٿي ويل قيدين کي پوليس ئي گرفتار ڪيو هو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*