سنڌ جي سڌ سماءَ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چوڌري نثار جي چوڻ تي نيب ۾ ڪيسز ٺاهيا ويندا آهن

nasir shah

سنڌ جي سڌ سماءَ  ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته  چوڌري نثار جي چوڻ تي نيب ۾ ڪيسز ٺاهيا ويندا آهن ۽ ڪراچي جي ادارن کي تباهه ڪندڙ مسيحا بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته  مصطفيٰ ڪمال پاران نشاندهي ٿيل دهشتگرد سندس کاٻي ۽ساڄي پاسي ويٺل آهن ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙ مسيحا بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي گورنر صحيح نه ڪئي ته نيب وارو بل ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.

هن چيو لڳي ٿو نواز شريف خلاف  فيصلو اچڻ  واري خبر ن ليگ کي پئجي وئي آهي.

ناصر شاهه چيو   سوشل سڪيورٽي ۽ ورڪرز ويلفئير بورڊ صوبن کي منتقل ٿيڻ سان فائدو ٿيو آهي ، پورهيتن ۽ سندن ٻارن جي بهتري لاءِ ڳالهيون غور هيٺ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*