ميهڙ مان 3 ڏينهن اڳ پُراسرار نموني گُم ٿي ويل جسقم اڳواڻ جو دادو ڪئنال مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي

meher jsqk lash hath

ميهڙ مان 3 ڏينهن اڳ پُراسرار نموني گُم ٿي ويل جسقم اڳواڻ جو دادو ڪئنال مان لاش هٿ ڪيو ويو آهي، سندس موت جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

 سيد علي اڪبر شاهه محلي مان 3 ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويل جسقم بشير خان جي  اڳواڻ  24 ورهين جي واثق ڀٽي جو لاش دادو ڪئنال مان شاهه پنجو ڀرسان هٿ ڪيو ويو آهي.

اطلاع تي وارثن پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪئي، جنهن بعد لاش کڻائي ميهڙ جي تعلقي اسپتال پهچايوويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث کڻائي ويا.

ڊاڪٽرن موجب نوجوان جي جسم تي تشدد جونشان نه آهي، لاش جا جزا چڪاس لاءِ ليبارٽري موڪلياويا آهن، جن جي رپورٽ اچڻ بعد موت جي سبب جي خبر پئجي سگهندي.

 واثق ڀٽي جسقم جو سرگرم اڳوڻ هو، سندس وارث ميهڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي گمشدگي جو اطلاع ڪرڻ بعد بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا ته سندس لاش هٿ آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*