نوابشاهه ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙڪاڇي جي پريمي جوڙي تحفظ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هنن مرضي سان پرڻو ڪيو

nawabshah

نوابشاهه ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙڪاڇي جي پريمي جوڙي تحفظ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هنن مرضي سان پرڻو ڪيو، پر سندن والدين ڪاوڙيل آهن، جنهن جي ڪري سندن حياتين  کي خطرو آهي.

 تعلقي واهي پانڌي جي ڳوٺ سوري جي نوجوان ناري دوران رستماڻي ۽ نظير احمد رستماڻي  پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد ميديا سان ڳالهائيندي چيو ته هو  ٻئي پاڻ ۾ سڳا سوٽ آهن ۽ هنن پنهنجي مرضي سان نوابشاهه ۾ عدالتي پرڻو ڪيو آهي.

 هنن چيو ته پيار جي پرڻي تان سندن حياتي خطري ۾ آهي.

هنن چيو ته کين مير رستماڻي، امين، عبدالغني، الاهي بخش ۽ يامين رستماڻي مان خطرو آهي، جن کان  تحفظ ڏياريو وڃي.a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*