سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي گهرو وزارت سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ  واري  درخواست تي گهرو وزارت سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ پيپلزپارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم جي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي  17 جولاءِ تي لنڊن اسپتال ۾ علاج جي تاريخ ڏني وئي آهي، جنهن سبب ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي مان خارج ڪيو وڃي.

جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو ته هو 2002ع کان ڪيسن کي ٻڌي رهيو آهي، کيس هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته  نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ جوابدارن کي اهڙي بيماري ڇو ٿيندي آهي جنهن جو علاج پاڪستان ۾ نه ٿيندو آهي.

جسٽس دوست محمد چيو ته سپريم ڪورٽ 1980 ع ۾ مرگهي جي مريض جي ضمانت بابت فيصلو ڏنو، جنهن بعد سڄو ضلعو مرگهي جو مريض بڻجي ويو.

سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم جي  اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ  واري درخواست تي گهرو وزارت سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 13 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*