عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته گذريل سال قرباني کان اڳ ڪاسائي هليو ويو هو

Shaikh-rasheed-20417

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته گذريل سال قرباني کان اڳ ڪاسائي هليو ويو هو، ڪجهه ماڻهو پاناما ڪيس کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا پر اڃا ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته سياست ۽ جنگ ۾ وڏو اهم عنصر وقت آهي.

هن چيو آهي ته ٻن ججن چيو ته وزيراعظم نوازشريف صادق امين ناهي رهيو۽ ٽن ججن چيو ته وزيراعظم سسيلين مافيا آهي.

شيخ رشيد چيو ته جي آءِ ٽي ۾ پيشي بعد اسحاق ڊار جو عمران خان خلاف بيان افسوس جوڳو هو.

هن چيو ته گذريل سال قرباني کان اڳ ڪاسائي هليو ويو هو، پر هاڻ ايئن نه ٿيندو.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته ماڻهو ڪيس کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا پر ڪيس اڃا تباهه ناهي ٿيو.

شيخ رشيد چيو ته عوامي مسلمگ ليگ جو 13 آگسٽ تي عوامي جلسو ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*