مٽياري ويجهو ٽرالر جي چنگچي کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Matiari.12

مٽياري ويجهو ٽرالر جي چنگچي کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

قومي شاهراهه تي ٽرالر جي چنگچي کي ٽڪر جي نتيجي ۾ مسمات آمنا بڙدي فوت ٿي وئي. جڏهن ته مسمات زرينا ۽ انور سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو، جن مان ٻن ڄڻن  جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس موجب، تيز رفتار ٽرالر چنگچي کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب  هڪ عورت فوت ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*