خانپور ويجهو 4 ڏينهن اڳ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران بڊاڻي جتوئي واري ڌر جي 7 ڄڻن جو قتل ڪيس

Khanpur

خانپور ويجهو 4 ڏينهن اڳ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران بڊاڻي جتوئي واري ڌر جي 7 ڄڻن جو قتل ڪيس سعد خاناڻي واري ڌر جي 31 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو.

مسمات گلان بڊاڻي جي فرياد تي خانپور ٿاڻي تي سعد خاناڻي واري ڌر جي 28 سڃاتل ۽ 3 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڏهون ميل واري علائقي ۾ 4 ڏينهن اڳ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا، جن کي لاڙڪاڻي، سکر ۽ شڪارپور جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

گذريل ڏينهن خانپور ٿاڻي تي مسمات سڄڻ خاتون جي فرياد تي سعد خاناڻي واري ڌار جي 7 ڄڻن جو قتل ڪيس بڊاڻي جتوئي واري ڌر  جي 28 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*