تنگواڻي ويجهو جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب

tangwanimap25-8

تنگواڻي ويجهو جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب  ٽن عورتن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ سهراب جعفري ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 عورتن  سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تنگواڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين ۾ ملوڪان خاتون،مسمات ٻڍي، مسمات شريفان ، محمد عالم جعفري عبدالحميد جعفري، بابو جعفري،ڪريم بخش،گل خان، ياسين جعفري، انور جعفري ٻيا شامل آهن.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين جي 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*