سنڌ ۾نيب قانون کي ختم ڪرڻ خلاف نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah pti

سنڌ ۾نيب قانون کي ختم ڪرڻ خلاف نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

تحريڪ انصاف يوٿ پاران ڪاشف قريشي ۽ اختيار تنيو جي اڳواڻي ۾ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ نيب کي ختم ڪيو پيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته نيب قانون کي ختم ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*