دادو ۾ بجلي جي غيراعلانيل ڊگهي لوڊ شيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

dadu wapda protest

دادو ۾ بجلي جي غيراعلانيل ڊگهي لوڊ شيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شھباز ڪالوني جي رهواسين ساجد  مستوئي، جواد راهوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري مختلف رستن تي  ٽائرن کي باهيون ڏئي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رهڻ سبب عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته غير اعلانيل لوڊ  شيڊنگ مان نجات ڏياري کين پريشاني کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*