دادو ۾ شيخ برادري جي چڱي مڙس تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ خلاف مختلف برادرين جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Dadu Sindh

دادو ۾ شيخ برادري جي چڱي مڙس تي ڪيس داخل ٿيڻ  ۽ کيس گرفتار ڪرڻ خلاف مختلف برادرين جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شيخ ۽ پنهور برادري جي ماڻهن عبدالرحمان پنهور، عبدالغفور ۽ علي شير جي اڳواڻي ۾لائبريري کان مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته دادو ۾عورت شبنم جو گهر مان لاش ھٿ آيو هو، جنهن جي ڪيس ۾ سندس مڙس مدثر شيخ جي گرفتاري بعد سهري نور محمد شيخ کي گرفتارڪري مٿس تشدد ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته شبنم جو مائٽ پوليس آفيسر شبنم جي مڙس ۽ سهري کي بيگناهه ملوث ڪري رهيو آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*