نوابشاهه ۾ ايل بي او ڊي جي ڪَچن ملازمن پڪو نه ڪرڻ خلاف ٽين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah lbod pro

نوابشاهه ۾ ايل بي او ڊي جي ڪَچن ملازمن پڪو نه ڪرڻ خلاف ٽين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ايل بي او ڊي جي ڪچن ملازمن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي عبدالواحد جمالي، امام علي رند ۽ اياز عالماڻي جي اڳواڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي پورهيت اڳوڻن چيو ته هو 23 سالن کان ڊيوٽي ڪري رهياآهن، عدالت به کين پڪو ڪرڻ جوحڪم ڏنو آهي، پر کين پڪو نٿو ڪيو وڃي.

هنن چيوته 26 سئو ڪچا ملازم 4 هزار رپيا پگهار تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري هو مالي مسئلن جو شڪار آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته کين فوري طور تي پڪو ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*