وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي آهي

pm

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي آهي.

وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته سياسي مخالفن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ قانون واري وزير زاهد حامد سميت وفاقي وزيرن ۽ صلاحڪارن شرڪت ڪئي.

مشاورتي اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال تي پارلياماني جماعتن سان رابطن ۽ ضرورت پوڻ تي سمورن قانوني ۽ آئيني آپشنز استعمال ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وزيراعظم نوازشريف کي ڊالر جي اگهه ۾ اضافي واري معاملي  کان آگاهه ڪيو.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ جي آءِ ٽي ۽ ٻين قانوني معاملن تي قانون واري وزير زاهد حامد  وزيراعظم کي بريفنگ ڏني……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*