پنجاب جي علائقي راجن پور ۾ ٻن مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو ويو پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي

rajan pur

پنجاب جي علائقي راجن پور ۾ ٻن مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيو ويو پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي.

5 ڏينهن اڳ ٻن ٽرڪ ڊرائيورن کي هٿياربند اغوا ڪري ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا هئا.

پوليس ٻنهي ٽرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي، جلد ٻنهي ٽرڪ ڊرائيورن کي بازياب ڪرايو ويندو.

ڪچي جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب رهواسي تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن ۽ اڳوڻي ڊي پي او عرفان الله خان کي ٻيهر مقرر جو مطالبو ڪيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*